خانور 2

خانور (ڳوٺ): هيءُ تعلقي مٺي، يونين ڪائونسل مهراڻي، ديهه خانور جو قديم ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ کي هن وقت ڳوٺ بلاول اوٺي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ جي آدم شماري ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو تعليم القرآن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري ۽ مڊل اسڪول ۽ هڪ ڊسپينسري/ اسپتال موجود آهي. هن ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو تعليم يافته آهن. هن ڳوٺ ۾ ٻه ناميارا شاعر ماٺيڻو اوٺو ۽ بلاول اوٺو پيدا ٿيا. بلاول اوٺو هڪ عوامي شاعر آهي، جنهن کي سنڌ جي ناميارن فنڪارن ڳايو آهي. ان کان سواءِ هن ڳوٺ جو استاد مرحوم عبدالهادي اوٺو ٿرپارڪر ضلعي جو ناميارو استاد ٿي گذريو آهي. زاهد اوٺو ۽ ضمير بلاول اوٺو هن ڳوٺ جا نوجوان اديب آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو